ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) ڪراچي جي بهادر آباد علائقي ۾ هڪ فليٽ تي حوالا هنڊي جي الزام ۾ ڇاپو هڻي هڪ عورت سميت ٽن شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو.وفاقي جاچ اداري موجب، فليٽ کي هنڊي ڪاروبار ۽ ڪليڪشن آفيس طور استعمال ڪيو پيو وڃي، عدالت کان سرچ وارنٽ حاصل ڪرڻ کان پوءِ اسٽيٽ بينڪ سرڪل جي عملي پاران ڪارروائي ڪئي وئي. ايف آءِ اي ڊائريڪٽر نعمان صديقي موجب، فريده غازي نالي هڪ عورت هڪ منظم حوالا هنڊي نيٽ ورڪ هلائي رهي هئي.عورت، فريده غازي، ٻين شڪي ماڻهن خبيب ملڪ ۽ مزمل حبيب سان گڏ، کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.ايف آءِ اي ڊائريڪٽر جو چوڻ آهي ته ڪارروائي دوران فليٽ مان 50 لک رپيا ۽ 2500 يورو نقد، ادائيگي جا دستاويز، ليپ ٽاپ، موبائل فون ۽ ليجر به هٿ ڪيا ويا.










