حماس جنگ بندي معاهدي تحت 8 يرغمالين کي آزاد ڪري ڇڏيو

حماس جنگ بندي معاهدي تحت 8 يرغمالين کي آزاد ڪري ڇڏيو

غزه (ويب ڊيسڪ) فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس ۽ اسلامي جهاد 5 ٿائي شهري سميت 8 يرغمالين کي آزاد ڪري ڇڏيو، عرب ميڊيا موجب فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس ۽ اسلامي جهاد اٺ يرغمالين کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي، جن ۾ پنج ٿائي شهري ۽ ٽي اسرائيلي شهري شامل آهن، اسرائيلي عورت سپاهي اگم برگر کي جباليا ۾ ريڊ ڪراس جي حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته غزه شهر خان يونس ۾ ٻه وڌيڪ يرغمال شهرين جن ۾ هڪ عورت اربيل يهود به شامل هئي انهن کي به آزاد ڪيو ويو، رپورٽ موجب حماس اڄ 5 ٿائي يرغمالين کي آزاد ڪيو، جن کي ريڊ ڪراس اختيارين جي حوالي ڪيو ويو آهي جيڪي انهن کي اسرائيلي اختيارين جي حوالي ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو