پشاور(ويب ڊيسڪ) آءِ جي خيبرپختونخواهه ذوالفقار حميد جو چوڻ آهي ته دارالعلوم حقانيه، اڪورا خٽڪ ۽ بنون ڪينٽ تي حملن ۾ ملوث نيٽ ورڪ جو پتو لڳايو ويو آهي.آءِ جي ڪي پي ذوالفقار حميد جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڪيسن ۾ اهم ثبوت مليا آهن، ۽ ٻنهي واقعن جي سلسلي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.ذوالفقار حميد چيو ته وڌيڪ گرفتارين کان پوءِ تفصيل شيئر ڪيا ويندا.










