حفيظ ڊائريڪٽر، شان ٽيسٽ ۽ شاهين ٽي ٽوئنٽي جا ڪپتان مقرر

لاهور: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) شان مسعود کي ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان ۽ شاهين آفريدي کي ٽي 20 ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو آهي.پي سي بي ٻنهي فارميٽ جي نئين ڪپتان جو اعلان سوشل ميڊيا تي ڪيو آهي.پي سي بي موجب شان مسعود کي پاڪستاني ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته شاهين آفريدي ٽي 20 ٽيم جي قيادت ڪندو. ون ڊي ٽيم جي ڪپتان جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پي سي بي جي پلينگ اسٽاف کي هٽائي مڪي آرٿر جي جاءِ تي اڳوڻي ڪپتان محمد حفيظ کي ٽيم ڊائريڪٽر مقرر ڪري ڇڏيو آهي.اربع ڏينهن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين ذڪا اشرف لاهور ۾ ٽيم انتظاميا ۽ بابر اعظم سان ملاقات ڪئي.ذريعن موجب چيئرمين مئنيجمينٽ ڪميٽي ڪوچز جي ڪارڪردگي تي به بي اعتمادي جو اظهار ڪيو.جڏهن ته بعد ۾ پي سي بي هڪ بيان جاري ڪندي چيو ته سمورن ڪوچنگ اسٽاف کي عهدن تان هٽايو ويو آهي، ڪنهن به ڪوچ کي فارغ نه ڪيو ويو آهي، سندن ذميواريون تبديل ڪيون پيون وڃن.پي سي بي چيو ته ڪوچز جو پورٽ فوليو تبديل ڪيو ويو آهي، سمورا ڪوچ نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ ڪم ڪندا. پي سي بي موجب محمد حفيظ کي ٽيم ڊائريڪٽر جي ذميواري سونپي وئي آهي، آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جي دوري لاءِ ڪوچنگ اسٽاف جو اعلان جلد ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو