بيروت(ويب ڊيسڪ) لبنان جي مزاحمتي تنظيم حزب الله لبناني علائقن ۾ اسرائيلي بمباري جي جواب ۾ اسرائيل تي ٽينڪ شڪن ميزائلن سان حملو ڪيو آهي. حزب الله جي زير انتظام هلندڙ سيٽلائيٽ چينل، المنار ٽي وي موجب حزب الله جي طرف کان شيبا فارمز جي سرحدي علائقي ۾ فوجي ٺڪاڻن تي حملو ڪيو ويو آهي. حزب الله جي مطابق حملن ۾ راڪيٽ، ٽينڪ گائيڊڊ ميزائيل ۽ مارٽر گولن جو استعمال ڪيو ويو آهي. حزب الله جي حملن ۾ ڪيترائي اسرائيلي فوجي زخمي ٿيا آهن. خيال رهي ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان اسرائيل طرفان لبنان جي سرحدي علائقن تي حملا جاري آهن . اسرائيلي حملن م ٻه صحافي مارجي ويا هئا ۽ 6 شهري زخمي ٿي پيا هئا. حزب الله جي نائب صدر گذريل ڏينهن هڪ ريلي کي خطاب ڪندي چيو هو ته هو اسرائيل جي خلاف جنگ ۾ حماس سان مڪمل طور تي سهمت آهي ۽ اسين ڀرپور مداخلت ڪنداسين ۽ اسرائيل کي ڀرپور جواب ڏنو ويندو. ياد رهي ته فلسطيني ويڙهاڪ تنظيم حماس کان لبنان جي حزب الله ڪافي طاقتور آهي جنهن وٽ وسيلا ۽ فائر پاور به حماس کان وڌيڪ آهي.
