حديقه ڪياني پاران نصرت فتح علي خان کي خراج پيش

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ميوزڪ انڊسٽري جي مشهور گلوڪاره حديقہ ڪياني مشهور قوالي استاد نصرت فتح علي خان کي سندس آواز ۾ مشهور قوالي ”جاني در گيا“ پيش ڪري خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.تازو، ڳائڻي پنهنجي ايندڙ ميوزڪ وڊيو جا ڪجهه مختصر وڊيو ڪلپس فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم انسٽاگرام تي شيئر ڪيا آهن.وڊيو ڪلپس سان گڏ ڪيپشن ۾ لکيل آهي ته استاد نصرت فتح علي خان جي مشهور قوالي ’جاني در گيا‘ جي ميوزڪ وڊيو استاد نصرت فتح علي خان کي خراج عقيدت پيش ڪندي 29 آڪٽوبر تي رليز ڪئي ويندي.ميوزڪ ويڊيو جي انهن مختلف ڪلپس ۾ حديقہ ڪياني سان گڏ اداڪاره هانيا عامر ۽ اداڪار وهاج علي به نظر اچي رهيا آهن، جڏهن ته بيگ گرائونڊ ۾ حديقہ ڪياني جي مٺڙي آواز ۾ استاد نصرت فتح علي خان جي قوالي جا ڪجهه لفظ به ٻڌي سگهجن ٿا.ميوزڪ وڊيو جي موضوع جو ذڪر ڪندي ڳائڻي پنهنجي ڪيپشن ۾ لکيو ته اها ٻن پيار ڪندڙن جي ڪهاڻي آهي جن کي ڌار ٿيڻو هو.حديقہ ڪياني جي مختلف پوسٽن تي صارفين تبصرن ۾ چيو ته هو وڌيڪ انتظار نٿا ڪري سگهن.هڪ صارف ڳائڻي جي ڳائڻ جي ساراهه ڪندي چيو ته هو عظيم استاد نصرت فتح علي خان جي آواز ۾ قوالي ٻڌڻ جو شوقين آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو