اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جڊيشل ڪميشن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني بينچز لاءِ 9 ججن جي نامزدگي ڪري ڇڏي. ذريعن موجب آئيني بينچون جوڙڻ لاءِ جڊيشل ڪميشن ۾ اڪثريتي راءِ سان فيصلو ٿيو ۽ آئيني بينچن لاءِ 9 ججن جي حق ۾ 11 ووٽ آيا. ذريعن جو چوڻ آهي ته جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس منيب اختر ۽ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ اختلافي راءِ ڏني پر چيف جسٽس پاڪستان يحيٰ آفريدي حق يا مخالفت ۾ ووٽ نه ڏنو. ذريعن موجب جڊيشل ڪميشن شبلي فراز ۽ عمر ايوب جو ٻن ڪلاڪن تائين انتظار ڪيو، شبلي فراز ۽ عمر ايوب ٻي وڳي تائين سپريم ڪورٽ اسٽاف سان رابطي ۾ هئا پر پوءِ سندن نمبر بند ٿي ويا. ذريعن ٻڌايو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جسٽس ڪي ڪي آغا آئيني بينچن ۽ آئيني ڪميٽي جو سربراهه هوندو، آئيني ڪميٽي جسٽس ڪي ڪي آغا جي سربراهي ۾ جسٽس عمر سيال، جسٽس محمد سليم جيسر تي ٻڌل هوندي. ذريعن موجب آئيني بينچن ۾ جسٽس ذوالفقار علي سانگي، جسٽس ارباب علي، جسٽس يوسف علي سعيد، جسٽس خادم حسين سومرو، جسٽس ثنا منهاس اڪرام ۽ جسٽس عبدالمبين لاکو شامل آهن.










