واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) 9 سيپٽمبر تي دلي ۾ رٿيل جي 20 ملڪن جي سمٽ ۾ چيني صدر شي جن پنگ جي شموليت نه ڪرڻ تي آمريڪي صدر جو بائيڊن مايوسي جو اظهار ڪيو آهي. آچر تي صهافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته مان”مان مايوس آهيان، پر مان هن سان ملڻ لاءِ وڃڻ وارو آهيان“. پر هن اهو نه ٻڌايو ته اها ملاقات ڪڏهن ۽ ڪٿي ٿي سگهي ٿي؟ بيجنگ سومر تي چيو آهي ته ان جو وزيراعظم لي ڪيوانگ هن هفتي دهلي ۾ جي 20 سربراهي اجلاس ۾ چين جي وفد جي اڳواڻي ڪندو. مسٽر شي ۽ مسٽر بائڊن آخري ڀيرو گذريل سال انڊونيشيا ۾ G20 اجلاس ۾ ملاقات ڪئي هئي. جي 20 جو سربراهي اجلاس اهري وقت ٿي رهيو آهي جڏهن هڪ پاسي آمريڪا ۽ چين ۾ ڇڪتان وارو ماحول آهي ته بئي پاسي سرحدي جهيڙي سبب چين ۽ ڀارت ۾ به ڇڪتاڻ برقرار آهي. اروناچک پرديش وارو ڀارتي علائقو چين پنهنجي ملڪ جي نقشي ۾ شامل ڪيو آهي جنهن تي ڀارت ناراضگي جو اظهار ڪيو هو. آمريڪا جي پرڏيهي ۽ خزاني جي وزيرن ۽ خصوصي ايلچي جان ڪيري جي چين جي دورن باوجود به ٻنهي ملڪن ۾ خاص پيش رفت ناهي ٿي سگهي. ڪجهه وقت اڳ چين جي جاسوسي بلون جي آمريڪا مٿان اڏام بعد ٻنهي ملڪن م ڇڪتاڻ وڌي هئي. جنهن بعد آمريڪا چين تي پابنديون به لڳايون آهن. ٻن ڏينهن واري جي 20 اجلاس ۾ دنيا جي 20 اهم معيشتن جا سربراهه دلي پهچن ٿا ۽ نريندرا مودي سندن ميزباني ڪندو. اجلاس م سعودي ولي عهد محمد بن سلمان به شريڪ ٿيندو. هو ڀارت پهچڻ کان اڳ چند ڪلاڪن لاءِ پاڪستان به ايندو.
