جوهي؛( ن س) جوهي ڀرسان ڳوٺ مينهون خان جمالي جا رهواسي زال مڙس 22 ورهين جو محمد اسماعيل ولد حاجي عيسو دلشاداڻي جمالي سندس زال ثنا ڌي رشيد کوسو ميهڙ کان شادي جو ڀت کائي واپس اچي رهيا هئا ته جوهي باء پاس گولي مار موڙ وٽ ٽرڪ سان آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو. حادثي جي نتيجي ۾ ٻئي زال مڙس ٿڏي تي فوت ٿي ويا اهڙو اطلاع ملڻ تي جوهي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تعلقه اسپتال کڻائي پهتا جتي ٻنهي زال مڙس جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو. هوڏانهن جوهي پوليس ٽرڪ تحويل ۾ وٺي ڊائيور کي گرفتار ڪري ورتو آھي.










