جهرڪ ۾ وين ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر، 7 ڄڻا فوت 15 زخمي

ٺٽو (ڊ ر)ٺٽي ۾ جهرڪ ويجهو ٽرڪ ۽ وين وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ عورتن سميت 7 ڄڻا فوت ۽ 15 زخمي ٿي پيا.پوليس موجب حيدرآباد-ٺٽو قومي شاهراهه تي جهرڪ ويجهو مسافر وين ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر، حادثي جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا فوت ۽ 15 زخمي ٿي پيا.ريسڪيو عملدارن جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ فوت ٿيندڙن ۽ زخمين کي جھرڪ ۽ سول اسپتال ٺٽو منتقل ڪيو پيو وڃي.ريسڪيو ذريعن موجب حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو، فوتين ۾ 2 عورتون ۽ هڪ ڇوڪري به شامل آهي.چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر محمد فخر عالم ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو کان ٽريفڪ حادثي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي ۽ زخمين کي فوري طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ حادثي ۾ فوت ٿيندڙن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار پڻ ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو