غزه(ويب ڊيسڪ)فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جي سربراهه اسماعيل هنيه جو چوڻ آهي ته جنگ جي خاتمي تائين قيدين جي مٽا سٽا نه ڪئي ويندي.ياد رهي ته غزه ۾ ڪيترن ئي سالن کان محصور حماس ڪجهه ڏينهن اڳ اسرائيلي شهرن ۾ اهڙو اوچتو حملو ڪيو هو ته دنيا جي بهترين دفاعي صلاحيت رکندڙ صهيوني قوتون حيران ٿي ويون هيون ۽ حماس جا حملا روڪي نه سگهيون هيون. ميڊيا رپورٽن موجب حماس جي حملن ۾ 170 اسرائيلي فوجين سميت 1200 ڄڻا مارجي ويا ۽ 5 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن، جڏهن ته سوين اسرائيلين کي به قيد ڪيو ويو آهي.
