جنگ بندي جي ڪوششن باوجود حملا جاري، 63 فلسطيني شهيد

جنگ بندي جي ڪوششن باوجود حملا جاري، 63 فلسطيني شهيد

غزهه (ويب ڊيسڪ)جنگ بندي جي ڪوششن جي باوجود، اسرائيلي فوج غزه تي بمباري جاري رکي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 63 فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن.عرب ميڊيا موجب، غزه ۾ رات جو اسرائيلي فوج جي حملن ۾ 13 فلسطيني مارجي ويا، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي حملن ۾ 63 فلسطيني مارجي ويا ۽ 281 زخمي ٿيا.رپورٽ موجب، اسرائيلي ڌماڪيدار هٿيارن جي استعمال جي ڪري هر مهيني سراسري طور تي 475 ٻار ۽ روزانو 15 ٻار عمر بھر جي معذوري جو شڪار ٿيا. ٻئي طرف، غزه ۾ جنگ بندي جي معاهدي لاءِ ڪوششون آخري مرحلن ۾ داخل ٿي ويون آهن.شروعاتي معلومات موجب، اسرائيل ۽ حماس جي وچ ۾ جنگ بندي جي معاهدي جو تازو مسودو 42 ڏينهن لاءِ غزه ۾ جنگ بند ڪندو.پرڏيهي ميڊيا موجب، معاهدي تحت درجنين اسرائيلي يرغمالين کي واپس ڪيو ويندو ۽ سوين فلسطيني قيدين کي آزاد ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو