ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) وزيراعظم شهباز شريف بنگلاديش جو نالو کڻڻ کانسواءِ چيو ته جن ملڪن کي اسان پنهنجي ڪلهن تان ٻوجهه سمجهي لاهي ڇڏيو، اڄ انهن جي ترقي ڏسندي شرم ٿو اچي. هن چيو ته اسان کي پنهنجي برآمدي صنعت کي مضبوط ڪرڻو آهي ۽ ايندڙ 5 سالن ۾ پنهنجي برآمد کي ٻيڻو ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪراچي ۾ واپاري برادري کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته واپاري برادري سان ملاقات ڪري خوشي ٿي ڇو ته توهان پاڪستان جي معيشت جي ريڙهه جي هڏي آهيو. هن چيو ته چونڊن کانپوءِ نئين حڪومت آئي آهي، سنڌ ۾ پيپلز پارٽي آهي، وفاق ۽ بلوچستان ۾ اتحادي حڪومت آهي، پنجاب ۾ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت آهي، ڪي پي ڪي ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت آهي. هن چيو ته اسانکي اها پرواهه نه ڪرڻ گهرجي ته ڪهڙي صوبي ۾ ڪنهن جي حڪومت آهي پر اسانکي مجموعي ملڪي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ فڪرمند هجڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته آءِ ٽي ايسڪپوڙ تاريخي طور وڌيا آهن، اسانکي کي سڀني شعبن ۾ ترقي ڪرڻي آهي، صنعتي ۽ زرعي شعبن ۾ به ايڪسپورٽ وڌائڻا آهن. شهباز شريف چيو ته حڪومت 50 ارب روپين کان وڌيڪ رقم جي ربيٽ واري ادائگي ڪري ڇڏي ۽ اوهان صنعتڪارن کي ڪنهن کي رشوت به ڏيڻي نه پئي. هن چيو ته ملڪ قرضن ۾ جڪڙيو پيو آهي 4 هزار ارب روپين جا ٽيڪس معاملا عدالتن ۾ لٽڪيل آهن، اوهان غير ضروري طور ڪيس نه اينگهايو معاملا حل ڪريو جيڪو جنهن جو حق آهي اهو انکي ملڻ گهرجي.
حڪومت تباهي جي رستي تي هلي رهي آهي،ڪامران مرتضيٰ
ملڪ ۾ پوليو وائرس جا وڌيڪ 2 ڪيس ظاهر
اسرائيل-لبنان تڪرار ختم ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، ٽرمپ
آزادي ۽ رواداريءَ جو امين عالم،سائين عزيزﷲ ٻوهيو!
سنڌيار سکر 02 آڪٽوبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 02 آڪٽوبر 2024ع
چيف جسٽس عدالتي معاملن ۾ مداخلت بابت خط لکندڙ 6 ججن جي ملاقات
سعودي سان معاهدا وڌي ويا، قطر به 3 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪندو:تارڙ
ڪابينا پاران نجي شعبي جي تعاون سان اهم ترقياتي رٿائن جي منظوري
دهشتگردي، اغوا ۽ ڀتي جي جوابدارن کي 6 مهينا حراست ۾ رکڻ جو بل پيش
چين جي پهرين عام عورت خلاباز اسپيس اسٽيشن تي پهچڻ ۾ ڪامياب
ملڪ جي ايئرپورٽن تي بائيوميٽرڪ مشينون لڳائڻ جو فيصلو
سپريم ڪورٽ جي ججن جو انگ 25 ڪرڻ بابت بل منظور
ڪئنال ٺاهڻ واري رٿا جي ھر فورم تي مخالفت ڪئي ۽ ڪنداسين
پاڪستان جي مشهور اداڪاره نرگس تي مڙس جو مبينه تشدد
انتظار پنجوٿا 24 ڪلاڪن ۾ بازياب ٿي ويندو، اٽارني جنرل
آمريڪي سفارتخاني جو وفد اڊيالا جيل پهچي ويو، 3 قيدين سان ملاقات
لاڙڪاڻي ۾ ستن ٻارن جي پيءُ مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو
شھدادڪوٽ ۾ ٽانڪي ڌماڪي سان ڦاٽڻ سبب 2 ڄڻا فوت
نوابشاهه ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪار فوت