جنرل باجوه جي واڌ جو نه سوچيو هو، سڀني مون کي قائل ڪيو: عمران خان

جنرل باجوه جي واڌ جو نه سوچيو هو، سڀني مون کي قائل ڪيو: عمران خان

لاهور(ويب ڊيسڪ)اڳوڻي وزيراعظم عمران خان دعويٰ ڪئي آهي ته هن اڳوڻي آرمي چيف جنرل باجوه جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ جو نه سوچيو هو. هڪ خانگي ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ عمران خان دعويٰ ڪئي ته سڀني کيس قائل ڪيو ته جنرل (ر) باجوه جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ ڪئي وڃي، هڪ آرمي آفيسر چيو ته جنرل باجوه چئي رهيو آهي ته جيڪڏهن مدي ۾ واڌ نه ڪئي وئي ته ڏکيو ٿي ويندو. عمران خان چيو ته ان حوالي سان 6 ماڻهو شاهد آهن، جن مان 2 شاهد فوج جا ۽ 4 تحريڪ انصاف جا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو