جج سان بدتميزي، وڪيل کي 6 مهينا قيد ۽ ڏنڊ جي سزا

لاهور (ويب ڊيسسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ملڪ شهزاد احمد خان توهين عدالت ڪيس ۾ وڪيل کي جج سان بدتميزي ڪرڻ تي 6 مهينا قيد ۽ هڪ لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. جسٽس سلطان تنوير احمد، ايڊووڪيٽ زاهد محمود گورايا جي عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران بدتميزي ڪرڻ تي سندس خلاف ڪارروائي لاءِ ريفرنس چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ ڏانهن اماڻيو هو. جنهن بعد وڪيل کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو هو. گذريل هفتي، گورايا هڪ غير مشروط معافي ورتي هئي ۽ چيو هو ته هن ڄاڻي واڻي بدتميزي نه ڪئي هئي پر جذباتي ٿي ويو هو. پوليس هٿان گرفتار وڪيل مسٽر گورايا صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته واسطيدار جج معافي قبول ڪئي هئي پر اڄ سزا ٻڌائي وئي آهي. ان موقعي تي پنجاب بار ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ بار جا صدر ۽ پنجاب جو پراسيڪيٽر جنرل به موجود هئا. ساڍا ٽن ڪلاڪن جي ٻڌڻي دوران سڀني وڪيلن معافي جي التجا ڪئي ۽ چيو ته عيد پئي اچي اوهين ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪريو پر عدالت ٽن شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ بعد فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو