اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نگران وفاقي حڪومت جبري گمشدگين جي ڪيسن لاءِ اهم قدم کنيا آهن.وفاقي ڪابينا نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي جي سربراهي ۾ 3 رڪني وزارتي ڪميٽي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن جو قانون ۽ انصاف واري وزارت نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي.7 نومبر تي وفاقي ڪابينا 3 رڪني ڪميٽي جي منظوري ڏني هئي ۽ قانون واري وزارت جي عملدارن هڪ نوٽيفڪيشن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايو هو جنهن موجب گهرو وزير ڪميٽي جو چيئرمين هوندو، قانون وارو وزير ۽ بچاءُ وارو وزير هوندو. ڪميٽي جا ميمبر جڏهن ته ڪميٽي جبري گمشدگين جي ڪيسن جو جائزو وٺندي.ان کان علاوه ڪميٽي انساني حقن جي تنظيمن کان به مدد طلب ڪري سگهي ٿي.
