ڪراچي ( باغي ساگر پنھوار ) جبري مذھب جي تبديلي خلاف ڪراچي پريس ڪلب آڏو روان داري تحريڪ ڪراچي جي تنظيم پاران احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو .مظاھرين جي ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر هئا جن تي مختلف نعره لکيل ھئا ان موقعي تي رواداري تحريڪ ڪراچي جي صدر نبيلااسلم چيو ته اسان جي ملڪ ۾ اڄ تائين اغوا ٿيندڙ نابالغ نياڻين کي زوري مذھب مٽرائي فورن شادي ڪرائي وڃي ٿي جنهن بعد معاملي کي مذهبي رنگ ڏنو وڃي ٿو، قانون موجود هئڻ جي باوجود به ان تي عمل نٿو ٿئي. اسين ان نا انصافي خلاف جدوجهد جاري رکنداسين. سنڌ جي مختلف شھرن ۾ اڄ به انهن وحشي ماڻھن جو راڄ برقرار آهي جيڪي پنهنجي جنسي حوس کي پورو ڪرڻ لاء جبري مذھب جي تبديلي شادي کانپوء طلاق ڏئي معصوم نياڻن جون زندگيون تباھ ڪري رهيا آهن. مظاھرين مطالبو ڪيو ته معصوم نياڻن جي زوري مذھب تبديلي کي نه ٿا مڃون ۽ اعلي حڪمرانن کان مطالبو ٿا ڪيون ته اھڙن ناپسديده قانون کي ختم ڪري پاڪستان ۾ رھندڙ غير مسلمانن کي ھر طرح سان جاني ۽ مالي پروٽوڪول ڏنو وڃي.










