تپسي جي شادي تاريخ اچي وئي،معروف اداڪارن دعوت نه ڏيڻ جو فيصلو

ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا تاپسي پنو به جلد شادي ڪرڻ واري آهي.ڀارتي ميڊيا موجب تاپسي پنو پنهنجي بواءِ فرينڊ ۽ بيڊمنٽن رانديگر ميٿياس بو سان شادي ڪرڻ واري آهي، شادي ۾ ڪنهن به بالي ووڊ اداڪار ۽ ويجهن دوستن جي شرڪت جو امڪان ناهي.ڀارتي ميڊيا رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته تاپسي ۽ متياس جي شادي مارچ جي آخري هفتي ۾ ٿيڻ واري آهي.ڊنڪي اداڪارا جي شادي ٻن مختلف ثقافتن، سک ۽ عيسائي مذهب تحت ٿيندي، جنهن ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار جا مائٽ شرڪت ڪندا.تاپسي ۽ متياس جي شادي جي تقريب ڀارتي شهر ادي پور ۾ ٿيندي، جنهن ۾ رڳو گهر وارا ئي شرڪت ڪري سگهندا.واضح رهي ته تاپسي ۽ ميٿياس 10 سالن کان وڌيڪ عرصي کان رشتي ۾ آهن جڏهن ته جوڙو پنهنجي نجي زندگي ۽ معلومات ميڊيا تي شيئر ڪرڻ پسند نٿو ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو