تيل ۽ گئس جي ڳولا لاءِ طلب ٻوليون کوليون ويون

اسلام آباد )بيورو رپورٽ)ملڪ ۾ تيل ۽ گئس جي ڳولا لاءِ ٽينڊر کوليا ويا.پيٽروليم ڊويزن طرفان جاري ڪيل بيان موجب 10 بلاڪس مان تيل ۽ گئس جي ڳولا لاءِ بوليون طلب ڪيون ويون هيون، جن کي ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف پيٽروليم ڪنسيشنز دعوت ڏني هئي.اعلان موجب مجموعي طور تي 6 آنشور بلاڪن لاءِ بوليون وصول ڪيون ويون.2 ڪروڙ 32 لک ڊالرن جي شروعاتي سيڙپڪاري ٽن سالن ۾ ڊري بلاڪن تي ڪئي ويندي.پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته هر ڪمپني لاڳاپيل بلاڪ ايريا ۾ سماجي سرگرمين تي ساليانو 540,000 ڊالر خرچ ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو