اسلام آباد(بيورو رپورٽ) توشه خانه ڪيس ۾ سزا خلاف پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين جي اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي سزا خلاف اپيل تي ٻڌڻي 22 آگسٽ تي ٿيندي.ڊويزنل بينچ پي ٽي آءِ چيئرمين طرفان سزا خلاف اپيل تي ٻڌڻي ڪندي، چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس طارق جهانگيري تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ٻڌڻي ڪندي.
