اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشه خانه ڪيس کي ڪالعدم قرار ڏيڻ واري عدالتي فيصلي خلاف داخل درخواست تي لکت ۾ ٻڌڻي جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پنهنجي لکت واري حڪم ۾ چيو ته درخواستگذار جي وڪيل چيو ته عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 4 جولاءِ تي ملتوي ڪري ڇڏي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پنهنجي لکت واري حڪم ۾ چيو آهي ته درخواستگذار موجب عدالت ٽرائل ڪورٽ کي 7 ڏينهن ۾ ٻيهر فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.لکت واري حڪم ۾ عدالت چيو ته عدالت 8 سوالن جي جواب ۾ معاملو ٽرائل ڪورٽ ڏانهن اماڻيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي لکت واري حڪم ۾ چيو ويو آهي ته درخواستگذار جي وڪيل موجب 7 ڏينهن جي مهلت 12 جولاءِ تي ختم ٿيڻي هئي.جاري ڪيل لکت واري حڪم موجب درخواستگذار جي وڪيل جو چوڻ آهي ته ٽرائل ڪورٽ کيس به نه ٻڌو، درخواستگذار جو موقف آهي ته کيس ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻ جو مناسب موقعو نه ڏنو ويو.سپريم ڪورٽ جي لکت واري حڪم ۾ چيو ويو آهي ته وڪيل موجب ٽرائل ڪورٽ عدالتي سوالن جا جواب نه ڏئي، معاملو ٻي عدالت ڏانهن اماڻيو وڃي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي لکت واري حڪم موجب درخواستگذار جي وڪيل سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو حوالو به ڏنو آهي.لکت واري حڪم ۾ چيو ويو آهي ته درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪيا پيا وڃن، ٻڌڻي ايندڙ هفتي ۾ ٿيندي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشه خانه ڪيس ۾ ٽرائل ڪورٽ ۾ حڪم نامو جاري ڪرڻ جي درخواست تي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.
