توشه خانه ريفرنس ۾ خان ۽ بشرا جي جوڊيشل رمانڊ ۾ واڌ

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت نئون توشاخانا ريفرنس ۾ عمران خان ۽ بشرا بي بي جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 16 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد رانا عمران خان ۽ بشرا بي بي خلاف نئين توشه خانه ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران سندن وڪيل ۽ نيب پراسيڪيوٽر عدالت ۾ پيش ٿيا.ٻڌڻي دوران عمران خان ۽ بشریٰ بي بي جي وڪيل سلمان صفدر دليل ڏيندي چيو ته توشه خانه جو نئون ريفرنس پهرين ريفرنس جهڙو ئي آهي، هڪ ئي الزام تي ٻه ريفرنس نه ٿا هلي سگهن.ان تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته دستاويزن مان ثابت ٿي سگهي ٿو ته نئون ريفرنس اڳئين ريفرنس جهڙو آهي يا نه.ان دوران نيب پراسيڪيوٽر توشا خان جي پراڻي ريفرنس جو عدالتي رڪارڊ وٺڻ جي درخواست ڪئي، جنهن کي عدالت رد ڪري ڇڏيو.بعد ۾ احتساب عدالت نئين ريفرنس ۾ عمران خان ۽ بشرا بي بي جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 16 سيپٽمبر تائين واڌ ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 6 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو