توحيد ڪالوني ۾ گٽر اٿلي پيا، چونڊيل نمائندا گم

توحيد ڪالوني ۾ گٽر اٿلي پيا، چونڊيل نمائندا گم

ملير (ڊ ر ) ملير جي توحيد آباد ڪالوني چونڊيل نمائندن کان وسري وئي، جڳھ جڳھ تي گٽر اٿلي پيا گٽرن جو گندو پاڻي گھٽن توڙي گهرن ۾ ڪاهي پيو ڪچري جا ڍير، نمازين، عورتن توڙي ٻارڙن اچ وڃ جي مک رستن تي پاڻي تلاءُ جو ڏيک ڏيڻ لڳو گندگي سبب مڇرن ۾ اضافو  سوين بيمارين منهن ڪڍيو ، علائقي واسين حميد سواتي ۽ ٻين جون صحافين سان ڳالهايون تفصيل موجب ملير جي توحید آباد ڪالوني پي ايس 89 اين اي 238 چونڊيل نمائندن کان وسري وئي گذريل ڪيترن ئي هفتن کان صفائي نه ٿيڻ ڪري گند جا ڍير ٿي ويا آهن يونين ڪائونسل 8 وارڊ نمبر 3 توحيد آباد ڪالوني گٽر اٿلڻ سبب رستا ۽ گهٽيون گندي پاڻي جي لپيٽ ۾ آهن جنهن ڪري نمازين، عورتن توڙي ٻارڙن کي گهمڻ ڦرڻ  ۾ دشواري ٿي رهي آهي علائقي واسين حميد سواتي، عبدالقيوم عرف گوڈو، امجد علی، رحیم صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته توحيد آباد ڪالوني ۾ هڪ دفعو به اسپري نه ٿيو آهي چونڊيل نمائندن جي نا اهلي سبب عوام سخت پريشان آهي اسان ڪمشنر ڪراچي، ڊي سي ملير ۽ ٻين وس وارن کي علائقي ۾ اسپري ۽ صفائي ڪرائڻ جي اپيل ٿا ڪيون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو