ترڪ چيف آف جنرل اسٽاف جي فيلڊ مارشل سان ملاقات

ترڪ چيف آف جنرل اسٽاف جي فيلڊ مارشل سان ملاقات

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)ترڪي جي چيف آف جنرل اسٽاف سيلڪوڪ بيرڪٽر اوگلو جمعي ڏينهن جي ايڇ ڪيو جو دورو ڪيو ۽ چيف آف ڊفينس فورسز ۽ چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ملاقات ڪئي.ملاقات ۾ دفاعي ۽ فوجي معاملن، گڏيل مفادن ۽ علائقائي ۽ عالمي سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب ملاقات ۾ پاڪ-ترڪي دفاعي ۽ فوجي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.آءِ ايس پي آر موجب ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهن رابطن ۽ تعاون کي وڌائڻ تي زور ڏنو ويو، جنهن ۾ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي اجاگر ڪيو.آءِ ايس پي آر موجب، ترڪي جي چيف آف جنرل اسٽاف شاندار مهمان نوازي لاءِ پاڪستان جو شڪريو ادا ڪيو ۽ تربيت، گڏيل مشقن ۽ صلاحيت وڌائڻ ۾ تعاون جاري رکڻ جو اعلان ڪيو.آءِ ايس پي آر موجب، ملاقات کان اڳ جنرل هيڊ ڪوارٽر پهچڻ تي ترڪ جنرل کي پاڪستان آرمي جي دستي پاران گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو