اسلام آباد (بيورو رپورٽ)مخالف ڌر جي اڳواڻ مصطفيٰ نواز کوکر جو چوڻ آهي ته موجوده صورتحال مان ظاهر ٿئي ٿو ته ملڪ آئين ۽ قانون موجب نه پيو هلي، اسلام آباد ۾ اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته اليڪشن ڪميشن ۾ تحريڪ تحفظ آئين جي نالي تي سياسي اتحاد جي رجسٽريشن لاءِ درخواست ملي آهي،مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته اسان کي حيرت ٿي ته اتحاد اڳ ۾ ئي موجود آهي، هي درخواست ڪنهن ڏني، ٻڌڻي دوران ٽنهي درخواستگذارن درخواست ۾ عدم دلچسپي جو اظهار ڪيو، هن چيو ته ٻڌڻي دوران ئي ٽنهي پنهنجي درخواست واپس وٺڻ لاءِ هڪ ٻي درخواست جمع ڪرائي.










