بي بي ايل، حارث رئوف ميلبورن اسٽارز کي جوائن ڪري ورتو

ميلبرن (ويب ڊيسڪ)پاڪستاني فاسٽ بالر حارث رئوف بگ بيش ليگ (بي بي ايل) لاءِ ميلبورن اسٽارز ۾ شامل ٿي ويو آهي.حارث رئوف آسٽريليا ۾ دير سان پهچڻ سبب پهرين ميچ ۾ موجود نه هو.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) دير سان بي بي ايل لاءِ اين او سي جاري ڪيو هو.حارث رئوف ميلبورن ۾ ميلبورن اسٽارز فيملي ڊي جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي.خانداني ڏينهن ۾ ميلبورن اسٽارز اسڪواڊ جي ٻين رانديگرن پڻ شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو