بينڪ ڊپازٽس بلڪل محفوظ آهن: اسٽيٽ بينڪ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اسٽيٽ بينڪ بينڪ ڊپازٽس بابت ڊپٽي گورنر جي بيان تي وضاحت جاري ڪندي چيو آهي ته بينڪ ڊپازيٽس بلڪل محفوظ آهن. مضبوط فريم ورڪ جي ماتحت پاڪستان ۾ بينڪنگ نظام مستحڪم ۽ ڊپازيٽس محفوظ آهن. تفصيل مطابق گذريل ڏينهن اسٽيٽ بينڪ جي ڊپٽي گورنر سينيٽ جي ناڻي بابت سينيٽ جي قائمه ڪميٽي ۾چيو هو ته بينڪ ڏيوالو ٿيڻ تي بينڪن ۾ رڳو 5 لک روپين تائين رقم محفوظ هوندي آهي. جڏهن ته هاڻي مرڪزي بينڪ ڊپٽي گورنر جي بيان تي وضاحت جاري ڪندي چيو ته بينڪ بينڪ ڊپازيٽس بلڪل محفوظ آهن. اسٽيٽ بينڪ چيو ته پاڪستان جي بينڪنگ نظام ۾ بينڪ ڪفالت سرمايو موجود آهي. بينڪنگ نظام جي منافعي ۾ اٽڪل 125 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. انهي لاءِ بينڪنگ شعبي ۾ سخت ڌچڪا برداشت ڪرڻ جي اهليت وڌيڪ بهتر ٿي وئي آهي. اسٽيٽ بينڪ چيو ته ڊپازٽ پروڊيڪشن ڪارپوريشن به تحفظ ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو آهي. هر ڊپازٽر کي 5 لک روپين تائين انشورنس ڪور فراهم ڪيو آهي. ڪنهن بينڪ جي ناڪامي تي ڊي پي سي کان بيما ڪيل رقم فورن ڊپازٽرز کي دستياب ٿئي ٿي. جڏهن ته ضابطي تحت بينڪ جي تصفي کان پوءِ ڊپازٽ جي بقايا رقم به ڪڍرائي سگهجي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو