بيرڪ گولڊ ريڪوڊڪ منصوبي تي ڪم لاءِ حامي ڀري ورتي

بيرڪ گولڊ ريڪوڊڪ منصوبي تي ڪم لاءِ حامي ڀري ورتي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)ڪينيڊا جي بيرڪ گولڊ ڪمپني پاڪستان ۾ سون ۽ ٽامي جا ذخيرا ڪڍڻ لاءِ ريڪوڊڪ منصوبي تي ڪم ڪرڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي.آمريڪي ميڊيا موجب، بيرڪ گولڊ ريڪوڊڪ منصوبي ۾ 3 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪندو، ريڪوڊڪ منصوبي ۾ بيرڪ گولڊ جو 50 سيڪڙو حصو هوندو، باقي 50 سيڪڙو پاڪستان ۽ بلوچستان جي حڪومتن وٽ هوندو، بيرڪ گولڊ ڪمپني موجب منصوبي جي پهرين حصي تي ڪم هن سال شروع ٿيندو،ذريعن موجب، ريڪوڊڪ منصوبي جي پهرين پيداوار 2028 ۾ متوقع آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو