بنگل خان پاران آزاد مهر سان امڙ جي وفات تي تعزيت

گهوٽڪي (سليم فضل ڪلهوڙو) وزير اعليٰ سنڌ جو خاص مدد گار بنگل خان مھر گهوٽڪي لڳ ڳوٺ نئو آباد پهچي گهوٽڪي پريس ڪلب جي نائب صدر ۽ سينئر صحافي آزاد مھر سان سندس امڙ جي وفات تي عذرخواهي ڪري ڏک جو اظهار ڪيو , ان موقعي تي بنگل خان مهر ڳالهائيندي چيو ته علائقي واسين جي هر ڏک ۽ سک ۾ پهچڻ اسان جو فرض آهي , هن چيو ته علائقي واسين جي ترقي لاء ڪوششون وٺو پيا , پ پ عوامي پارٽي آهي , عوام جي خدمت ڪرڻ اسان جو فرض آهي , انشاء الله عوام جي خدمت جاري رهندي , هن چيو ته سردار محمد بخش خان مهر جا عوام لاء هر وقت دروازا کليل آهن ,  ان موقعي تي بنگل خان مهر سان سيد پرويز حسين , طلحہ ياسين , بابر ڪريم مهر ۽ ٻيا پڻ گڏ هوا .

پهنجو تبصرو موڪليو