بنون: سي ٽي ڊي ڪمپائونڊ تي حملو ڪندڙ دهشتگرد مارجي ويا

بنون: سي ٽي ڊي ڪمپائونڊ تي حملو ڪندڙ دهشتگرد مارجي ويا

پشاور)ويب ڊيسڪ) بنون ۾ سي ٽي ڊي ڪمپائونڊ اندر دهشتگردن کي ماريو ويو.سرڪاري ذريعن موجب بنون ۾ سي ٽي ڊي ڪمانڊ اندر دهشتگردن جي مارجڻ کانپوءِ هن وقت سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي.بنون ۾ آچر تي دهشتگردن سي ٽي ڊي ڪمپائونڊ تي حملو ڪري اهلڪارن کي يرغمال بڻائي ورتو هو، جنهن تي سڪيورٽي فورسز آپريشن شروع ڪيو.ذريعن موجب بنون ۾ اسڪول بند آهن ۽ اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو آهي جڏهن ته علائقي ۾ موبائل فون سروس پڻ مڪمل طور تي معطل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو