بلوچستان: 3 ضلعن ۾ بلدياتي چونڊون، ووٽنگ جو عمل جاري

بلوچستان: 3 ضلعن ۾ بلدياتي چونڊون، ووٽنگ جو عمل جاري

ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي 3 ضلعن ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن جي سلسلي ۾ اڄ ووٽنگ ٿي رهي آهي.لسبيلا، حب ۽ پشين ۾ پولنگ صبح 8 وڳي شروع ٿيندي جيڪا شام 5 وڳي تائين جاري رهندي.اليڪشن ڪميشن موجب پشين ضلعي جي تعلقي حرم زئي ۾ سخت سردي سبب پولنگ شروع نه ٿي سگهي. سخت سردي سبب اڪثر پولنگ اسٽيشنن تي عملو نه پهتو ۽ نه ئي ووٽر گهرن مان نڪتا.لسبيلا ضلعي جي ميونسپل ڪارپوريشن اوٿل وارڊ 8 ۽ 12 هندو محلا ۾ پولنگ عملو ووٽرن جو انتظار ڪري رهيو آهي.حب ضلعي جي وارڊ نمبر 38 ۾ گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ۾ قائم پولنگ اسٽيشن تي ووٽنگ دير ٿي وئي آهي.پولنگ اسٽيشن تي عملو وقت تي نه پهتو، جڏهن ته پولنگ جا انتظام پڻ مڪمل نه هئا، جنهن سبب ووٽرن کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو.حب ضلعي جي 138 وارڊن مان 32 اميدوار بنا مقابلي چونڊجي ويا آهن، جڏهن ته 2 وارڊن ۾ اميدوارن جي فوت ٿيڻ سبب چونڊ ملتوي ڪئي وئي آهي.اليڪشن ڪميشن موجب حب ضلعي ۾ ووٽرن جو انگ 135 هزار 620 آهي، جتي 124 پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون ويون آهن.لسبيلا ضلعي جي 146 وارڊن مان 27 اميدوار بنا مقابلي چونڊجي ويا آهن، جڏهن ته اڄ 475 اميدوارن ۾ مقابلو آهي.لسبيلا ضلعي جي 119 وارڊن ۾ بلدياتي چونڊون ٿي رهيون آهن، جتي ووٽرن جو انگ 1 لک 36 هزار 703 آهي، جڏهن ته 130 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن.پشين ضلعي جي تعلقي حرم زئي جي 12 وارڊن ۾ 13 پولنگ اسٽيشنون آهن، جتي ووٽرن جو انگ 10 هزار 2 سئو 49 آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو