ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي تعليم کاتي نئين تعليمي سال لاءِ نصاب ۾ تبديلي جو فيصلو ڪيو آهي.پهرين کان ٻارهين درجي تائين، قرآن پاڪ جي تعليم ۽ قرآن پاڪ جي ترجمي کي باقاعده نصاب جو حصو بڻايو ويندو.ڇهين کان اٺين درجي لاءِ ڪمپيوٽر جي تعليم جا نوان ڪتاب هوندا.سوشل ميڊيا جي مثبت ۽ ذميوارانه استعمال کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڇهين کان ٻارهين درجي لاءِ الڳ درسي ڪتاب پڻ تيار ڪيا وڃن.










