ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر کنڊ جو بحران پيدا ٿي ويو آهي.چمن، پشين، قلعه عبدالله، قلعه سيف الله سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ کنڊ جو اگهه وڌي ويو آهي.هول سيل مارڪيٽ ۾ کنڊ 185 رپيا في ڪلو ملي ٿي،مارڪيٽ ذريعن موجب پرچون جي دڪانن تي کنڊ جو اگهه 195 کان 200 رپيا في ڪلو ٿي ويو آهي.ان حوالي سان ڊيلرز ايسوسي ايشن جو چوڻ آهي ته سنڌ جي شگر ملن کان آڪٽوبر ۽ نومبر جي ڪوٽا نه ورتي وئي آهي، بلوچستان جي سيپٽمبر جي ڪوٽا جون 19 ٽرڪون ڪسٽم سکر پاران ضبط ڪيون ويون آهن.ڊيلرز جو چوڻ آهي ته ٽرڪون پرمٽ، اين او سي سان گڏ هيون، بلوچستان حڪومت کي ٽرڪ ڇڏڻ لاءِ خط به لکيو، بلوچستان حڪومت جي تصديق باوجود سکر ڪسٽم کنڊ ضبط ڪري ورتي.ڪمشنر جو چوڻ آهي ته بلوچستان حڪومت ڪسٽم سان رابطي ۾ آهي، معاملو جلد حل ڪيو ويندو.
