ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) بلديھ عظمىٰ ڪراچي جي ڪائونسل جو بجيٽ اجلاس اڱاري ڏينهن، 24 جون 2025 تي، منجهند ٽي وڳي، ڪائونسل ھال، بلديھ عظمىٰ ڪراچي جي صدر دفتر ۾ منعقد ڪيو ويندو. ميئر ڪراچي، بيرسٽر مرتضىٰ وهاب، اجلاس جي صدارت ڪندا. اجلاس جون سڀ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، جنهن دوران مالي سال 2025-26 لاءِ بلديھ عظمىٰ ڪراچي جو بجيٽ منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو. اجلاس دوران بجيٽ سان لاڳاپيل مختلف معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.










