ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ملي وئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو زرداري ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ آمريڪا روانو ٿيندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته بلاول واشنگٽن ۾ ٽرمپ جي حلف برداري ۽ ٻين تقريبن ۾ شرڪت ڪندو. ذريعن موجب، بلاول ڀٽو زرداري کي ذاتي حيثيت ۾ دعوت ڏني وئي آهي.










