بلاول ڀٽو سان سرفراز بگٽي جي ملاقات، سياسي صورتحال تي ڳالهيون

بلاول ڀٽو سان سرفراز بگٽي جي ملاقات، سياسي صورتحال تي ڳالهيون

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي ملاقات ڪئي.وفاقي گادي واري شهر ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ بلوچستان جي مجموعي سياسي صورتحال، ترقياتي حڪمت عملين ۽ جاري منصوبن تي تفصيلي بحث ڪيو ويو. سرفراز بگٽي بلاول ڀٽو زرداري کي صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبن ۽ امن امان جي صورتحال تي جامع بريفنگ ڏني.هن چيو ته بلوچستان جي ڏورانهن علائقن تائين ترقي جا ثمر پهچائڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا پيا وڃن، ۽ شفافيت ۽ اثرائتي نگراني کي يقيني بڻايو پيو وڃي ته جيئن وسيلن جو صحيح استعمال ممڪن ٿي سگهي.پي پي پي چيئرمين پنهنجي تقرير ۾ چيو ته بلوچستان جي پائيدار ترقي ۽ خوشحالي پارٽي جي اولين ترجيح آهي، بلوچستان جي مسئلن جي حل ۽ ترقياتي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ وفاقي سطح تي مڪمل تعاون جاري رهندو.ملاقات ۾ اهو به اتفاق ڪيو ويو ته بلوچستان جي نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ گڏيل ڪوششون وڌيڪ تيز ڪيون وينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو