ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ)مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته بلاول ڀٽو ننڍي ڀاءُ وانگر آهي، اسان 16 مهينا گڏ ڪم ڪيو آهي. ڪوئيٽا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته اسان کي گڏجي صوبي کي خوشحال بڻائڻو آهي، معاشي ۽ سماجي مسئلا گڏجي حل ڪرڻا آهن، بلوچستان جي ترقي لاءِ نوازشريف جون عملي ڪوششون قوم جي سامهون آهن. جڏهن ته گذريل حڪومت جي چئن سالن ۾ تباهي ۽ بربادي هئي. هن چيو ته هو لشڪري رئيساڻي کي مسلم ليگ (ن) ۾ شموليت جي دعوت ڏيڻ آيو آهي، سندس شموليت سان پارٽي مضبوط ٿيندي، سياسي اشرافيه مسلم ليگ (ن) ۾ شامل ٿي ويا آهن، بلوچستان جي سياسي پارٽين جي اڳواڻن سان ملاقات ٿي آهي، مان تمام گهڻو مطمئن آهيان.
