اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ وفاقي وزير شيري رحمان جو چوڻ آهي ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو جي 8 مهينن جي سفارتي ڪاميابين جو مقابلو عمران خان جي 4 سالن جي سفارتي اڪيلائي سان ناهي، هنن ملڪ کي سفارتي دلدل ۾ وجهي ڇڏيو.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل ٽوئيٽ ۾ شيري رحمان چيو ته جنهن شخص جي حڪومت ۾ پاڪستان پرڏيهي اڪيلائي جو شڪار ٿيو هو اڄ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي پرڏيهي معاملن تي تقرير ڪري رهيو آهي.هن چيو ته عمران خان جو پاڪستان، افغانستان، پرڏيهي معاملن ۽ دهشتگردي بابت بيان مذمت جوڳو آهي، اڳوڻو وزيراعظم عمران خان پاڪستان نه پر ڪنهن ٻئي جي نمائندگي ڪري رهيو آهي.شيري رحمان جو چوڻ آهي ته عمران خان کي خطي جي سڪيورٽي معاملن ۽ تاريخ جي ايتري ئي خبر آهي جيترو کيس جرمني ۽ جاپان جي جاگرافي جي خبر آهي.وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته عمران خان پاڪستان جي بهادر پوليس جي به توهين ڪئي آهي، اسان جي پوليس ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا دهشتگردن خلاف فرنٽ لائين تي بيٺا آهن.هن جو اهو به چوڻ آهي ته پوليس اسان جي پهرين دفاعي لائين آهي، افسوس جي ڳالهه آهي ته عمران خان پوليس جي حوصلا افزائي ڪرڻ بدران سندن حوصلا افزائي ڪري رهيو آهي.










