بلاول جو ايم ولي خان کي فون، سياسي صلاح مشورا

بلاول جو ايم ولي خان کي فون، سياسي صلاح مشورا

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) بلاول ڀٽو زرداري عوامي نيشنل پارٽي جي صدر ايمل ولي خان کي فون ڪري سياسي صورتحال بابت صلاح مشورا ڪيا ۽ سندس والد اسفند يار ولي جي طبيعت بابت معلومات ورتي. اسفند يار ولي ڪجهه عرصي کان بيمار آهي. ياد رهي ته اي اين پي سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر لاءِ يوسف رضا گيلاني کي ووٽ ڏنا هئا جنهن بعد پي ڊي ايم اڳواڻ مولانا فضل الرحمان ٻنهي پارٽين کي اتحاد جي فيصلي جي ڪيل فيصلن جي ڀڃڪڙي تي شوڪاز نوٽيس ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو