اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام(بي آءِ ايس پي) رمضان المبارڪ جي موقعي تي مستحق عورتن جي لاءِ مالي امداد ۾ اضافي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.نجي ٽي وي جي رپورٽ موجب بي آءِ ايس پي ٽه ماهي قسط ۾ هڪ هزار روپين جو اضافو ڪيو، انهي حوالي سان اختيارين جو چوڻ آهي ته ٽه ماهي مالي امداد جيڪا پهريان 13 هزار 500 روپيه هئي، هاڻ وڌائي 14 هزار 500 روپيه ڪئي وئي آهي. انهي فيصلي جو مقصد مهانگائي کي نظر ۾ رکندي گهٽ آمدني وارن گهراڻن کي اضافي سهارو ڏيڻ آهي ته جيئن اهي بنيادي ضرورتون پوريون ڪري سگهن.اختيارين موجب انهي پيڪيج جي تحت بينظير تعليمي وظيفو ۽ بينظير نشونما پروگرام جي وظيفن ۾ به 500 روپين تائين اضافو ڪيو ويو آهي جنهن سان فائدو کڻندڙ خاندان جي ٻارن جي تعليم ۽ غذائي ضرورتن ۾ مدد ملندي.ٻئي پاسي بي آءِ ايس پي هيڊ ڪوارٽرز اسلام آباد ۾ چيئرپرسن روبينه خالد جي صدارت هيٺ هڪ اي ڪچهري پروگرام منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ مستحقين جي شڪايت ۽ مسئلا ٻڌا ويا.انهي موقعي تي چيئرپرسن مستحق عورتن کي هدايت ڪئي ته جن ڊيجيٽل والٽ جي لاءِ مفت سم حاصل ناهي ڪئي اهي فوري طور تي ويجهي بي آءِ ايس پي آفيس سان رابطو ڪري ته جيئن ادانگين جو نظم وضبط وڌيڪ شفاف ۽ آسان بنائي سگهجي هن چيو ته حڪومت مستحق خاندانن کي باعزت ۽ وقت تي مالي مدد جي فراهمي لاءِ قدم جاري رکيا آهن.










