برطانيا پاران نواز شريف جي ويزا ۾ واڌ جي درخواست رد، اپيل جو فيصلو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا جي هوم ڊپارٽمينٽ اڳواڻي وزيراعظم ميان نواز شريف جي طبي بنيادن تي ويزا ۾ واڌ واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب ان جي تصديق ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته جلد ان فيصلي خلاف اپيل ڪنداسين. ماهرن موجب نواز شريف وٽ 2 آپشن آهن ته هو اميگريشن ڊپارٽمينٽ جي ان فيصلي خلاف هوم ڊپارٽمينٽ ۾ اپيل ڪري يا عدالت وڃي. ياد رهي ته ميان نواز شريف لاهور هاءِ ڪورٽ پاران خبي بنياد تي مشروط طور علاج لاءِ 19 نومبر 2019 تي لنڊن روانو ٿي ويو هو. سندس پاسپورٽ جو 12 فيبروري تي مدو ختم ٿي ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو