لنڊن (ويب ڊيسڪ)سفارتي ڇڪتاڻ کانپوءِ برطانيه روسي سفارتڪار کي ملڪ نيڪالي ڏئي ڇڏي برطانوي پرڏيهي سيڪريٽري موجب هي ڪارروائي روس پاران هڪ برطانوي سفارتڪار کي نيڪالي ڏيڻ جي جواب ۾ ڪئي وئي.برطانوي ميڊيا جو چوڻ آهي ته روس هڪ برطانوي سفارتڪار کي جاسوسي جي الزام ۾ ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏنو.ميڊيا رپورٽن موجب، روس طرفان وڌيڪ ڪارروائي کي اشتعال انگيز سمجهيو ويندو.برطانوي پرڏيهي سيڪريٽري جو چوڻ آهي ته هو قومي سلامتي جي حفاظت تي سمجهوتو نه ڪندو.هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن روس اسان جي خلاف ڪارروائي ڪندو ته اسان جواب ڏينداسين.










