بدين مان هڪ ئي خاندان جا 6 ميمبر چونڊجي ويا

بدين(ن سنڌيار) مڪاني چونڊن ۾ بدين مان هڪ ئي خاندان جا 6 ميمبر چونڊجي ويا. پ پ جو سائين بخش جمالي، سندس 3 ڀائر، پٽ ۽ ڀائٽيو ڪامياب ٿي ويا. يونين ڪائونسل 38 ۾ پيپلز پارٽي جو سائين بخش جمالي ضلعي ڪائونسلر چونڊجي ويو. يونين ڪائونسل 37 ۾ سائين بخش جمالي جو ڀاءُ عطا جمالي ضلعي ڪائونسلر چونڊجي ويو. يونين ڪائونسل 33 ۾ سائين بخش جمالي جو ٻيو ڀاءُ غلام رسول جمالي چيئرمين جي سيٽ تي ڪامياب ٿيو. يونين ڪائونسل 38 ۾ ٽيون ڀاءُ صدر جمالي به چيئرمين چونڊيو ويو. يونين ڪائونسل 37 ۾ سائين بخش جمالي جو ڀائٽيو حڪيم علي جمالي چيئرمين چونڊيو ويو، جڏهن ته سندس پٽ صاحب خان جمالي ٽائون ڪميٽي ٽنڊوباگو وارڊ نمبر 2 ۾ ڪائونسلر چونڊيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو