بدامني، چورين ۽ گندگي خلاف احتجاجي مظاهرو

بدامني، چورين ۽ گندگي خلاف احتجاجي مظاهرو

ملير (رپورٽ شهزادو مستوئي )وڌندڙ بدامني چورين ڦرن ۽ علائقن جا بنيادي مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران پپري امام بارگاهه کان مين چوڪ فٽ بال گرائونڊ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ شريڪ ماڻهن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا جيڪي بدامني چورين ڦرن خلاف ڇتي نعريبازي ڪري رهيا هئا، هر ڏينهن چورن ڦورن کان خالي ناهي انتظاميه اگھور ننڍ ستل آهي قبضن تي پوليس کيسا گرم ڪرڻ لاءِ منٽ ۾ پهچي ٿي پوليس اک نه کولي ته علائقي واسي رستن ايندا. ايس ٽي پي پاران قمر ڪلهوڙو نصرت سومرو يامين گبول راڻو خان زهراڻي پير بخش ڀلڪاڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي  ريلي ڪڍي وئي. هنن چيو ته جتي هڪ بلاڪ لڳي اتي کيسي گرم ڪرڻ لاءِ پوليس هڪ منٽ ۾ پهچي وڃي ٿي مگر ڏينهن ڏٺي جو چوريون ڦرو ٿين ٿيون ته حد پوليس بي خبر آهي هنن چيو ته علائقن ۾ جڳھ جڳھ تي گندگي جي ڍير لڳل آهن مگر صفائي سٿرائي جو ڪوبه نظام ناهي چونڊيل نمائندا اسان جي ووٽن عياشيون ڪرڻ ۾ پورا آهن عوام بي يارو مددگار بڻيل آهي اڳواڻن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن انتظاميا سنجيدگي سان امن امان جي صورتحال بهتر نه بڻائي ته قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻڻ تي مجبور ٿي پونداسين،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو