بجلي بند ٿيڻ سبب پاڻي فراهمي جي لائين متاثر

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي ڪي اليڪٽرڪ پاران بجلي جي اوچتي بريڪ ڊائون سبب 72 انچ قطر جي ايم ايس جي لائين نمبر پنج متاثر ٿي وئي، ترجمان واٽر ڪارپوريشن موجب لائين جي متاثر ٿيڻ جو اطلاع ملڻ تي واٽر ڪارپوريشن جا عملدار فوري طور موقعي تي پهچي ڪري متاثر لائين جو معائنو ڪيو، ان موقعي تي سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر سيد صلاح الدين احمد پاران لاڳاپيل آفيسرن کي هدايتون ڏيندي چيو تہ متاثر لائين جي بحالي واري ڪم کي هنگامي بنيادن تي مڪمل ڪيو وڃي تہ جيئن شهرين کي ڪنهن بہ قسم جي پريشاني کي منهن ڏيڻو نہ پوي، ان سلسلي ۾ واٽر ڪارپوريشن عملدارن پاران متاثر لائين جي بحالي وارو ڪم هنگامي بنيادن تي شروع ڪري ڇڏيو، چيف انجنيئر بلڪ واٽر ڪارپوريشن موجب شهر ۾ پاڻي جي فراهمي متبادل لائينن جي ذريعي جاري آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو