باني اڄ به مسڪرائي رهيو هو. فيصلي تي حيران نه هو

باني اڄ به مسڪرائي رهيو هو. فيصلي تي حيران نه هو

راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) عمران خان جي وڪيل بيرسٽر سلمان صفدر چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني اڄ به مسڪرائي رهيو هو. فيصلي تي حيران نه هو، باني هدايت ڪئي آهي ته منهنجي ۽ گهر واري جي لاءِ مان هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪريان.اڊياله جيل جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي عمران خان جي وڪيل چيو ته ڪالهه رات جو اٺين وڳي ليگل ٽيم کي اطلاع ڏني وئي ته سڀاڻي صبح جو 9 وڳي ڪيسز تي ڪارروائي ٿيندي اسان کي اها اميد نه هئي ته ڪوهيڙي سبب موٽر وي کي بند ڪيو ويندو.هن چيو ته 16 آڪٽوبر تي جج صاحب ڪيس کي ايڊجرن ڪيو. دليلن جي لاءِ اڄوڪي تاريخ مقرر ڪئي وئي هئي. دليل مڪمل ٿيڻا هئا، اڄ فيصلو نه ٻڌائڻو هو. جج صاحب پهريان هليا ويا سيڪيورٽي به وڌيڪ هئي اسان کي پهريان ئي لڳي رهيو هو ته ڪجهه ٿيندو. هن چيو ته جج صاحب غيرقانوني ڪم ڪيو، وڪيلن جي غير موجودگي ۾ فيصلو ٻڌايو ويو. جج صاحب 59 صفحن تي ٻڌل فيصلو لکي کڻي آيا هئا. لکيل فيصلو سمورن پيٽرن تي ٻڌايو ويو. هن چيو ته اڊياله جيل ۾ ڪڏهن به ميرٽ تي فيصلو ناهي ٿيو. هميشه هاءِ ڪورٽ کان رليف مليو. ڪالهه رات تائين القادر جي هڪ ئي سزا هئي، جنهن ۾ ڪيترائي ڀيرا درخواست ڏني وئي آهي. هڪ سال ٿي ويو، القادر ڪيس ۾ جنوري ۾ سزا ڏني وئي، هڪ سال گذري ويو آهي پنج منٽ جي ٻڌڻي به ناهي ڪئي وئي.بشريٰ بي بي جي به ٻڌڻي نه ٿي سگهي، پي ٽي آءِ باني اڄ به مسڪرائي رهيو هو. اهو بالڪل حيران نه هو. جج صاحب فيصلو ٻڌايو ۽ واپس روانو ٿي ويو. 10 اي جون گهرجون ته پوريون ڪيون وڃن ها. قانون گهرجون پوريون ناهن ڪيون ويون.عمران خان جي وڪيل چيو ته باني طرفان هدايت ڏني وئي آهي ته منهنجي ۽ گهر واري جي لاءِ مان اپيل داخل ڪريان. هاءِ ڪورٽ ۾ باني کي ڏکيائين ۾ رکيو ويو آهي. ڪتاب به انهي وٽ موجود نه آهن انهي مون سان ملڻ چاهيو ٿي. هن چيو ته وڏي مشڪل سان ملاقات ٿي سگهي، اندر ايترو سخت پهرو هو جو ملاقات به نه پئي ٿي سگهي. ڳالهين جي لاءِ 3 منٽ به نه ڏنا ويا هئا. ليگل ٽيم پنهنجو ڪم جاري رکندي. جيترا ڪيسز ٿيا سڀني کي ختم ڪيو ويو پر التوا جو شڪار آهن. باني جا حوصلا بلند هئا. سرڪار توشه خانه جو ڪيس هر ڀيري ٺاهي کڻي ايندي آهي. توشه خانه جو ڪيس نيب چوٿون ڀيرو ٺاهيو آهي. اسان جي ڪڏهن به ٻيهر ڪيس ٻڌڻ جي درخواست مقرر ناهي ٿي سگهي. خان صاحب پڇيو ته ٿيو ڇا آهي جنهن تي مون کيس ٻڌايو ته سزا ملي آهي، بحث مڪمل ٿيڻ کان پهريان فيصلو لکيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو