لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي نائب ڪپتان شاداب خان پنهنجي ڪارڪردگي ۽ ورلڊ ڪپ مان ٻاهر ٿيڻ تي مايوسي جو اظهار ڪيو آهي.نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي شاداب خان چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته هر ٽورنامينٽ کٽي، پوري ٽيم، ڪوچنگ اسٽاف ۽ هر ڪو ورلڊ ڪپ جي ڪارڪردگي مان مايوس آهي، ڪرڪيٽ ۾ اهو ئي سبق آهي ته هميشه بهتري ايندي آهي.هن چيو ته مان پاڻ کان به مايوس آهيان، اميدن تي پورو نه رهيس، مون کي پرفارم ڪرڻ گهرجي ها، منهنجو خيال آهي ته ٽيم منهنجي غير ڪارڪردگي سبب هتي پهتي، جيڪڏهن مان بالر جي حيثيت سان پرفارم ڪريان ها ته نتيجو مختلف هجي ها. نائب ڪپتان چيو. ”پرفارم ڪرڻ منهنجي لاءِ تمام ضروري آهي.
