مان بي وس هئس، نيب تي اختيار جنرل باجوا جو هو: عمران خان

مان بي وس هئس، نيب تي اختيار جنرل باجوا جو هو: عمران خان

لاهور: (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته مان پنهنجي حڪومت ۾ بي وس هئس، جنرل باجوه فيصلو ڪندو هئو ته نيب کي ڪنهن کي ڇڏڻو ۽ ڪنهن کي اندر ڪرڻو آهي. عمران خان وڪيلن جي رول آف لا ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ جهنگ جو قانون آهي سمورا چور حڪومت ۾ اچي ويهي رهيا آهن. حڪومت ۾ ايندي ئي هنن پهريان پنهنجا ڪرپشن جا ڪيس ختم ڪيا، سمورن چورن جا واري واري سان ڪرپشن جا ڪيس ختم ٿي رهيا آهن.عمران خان چيو ته مون پنهنجي حڪومت ۾ پوري ڪوشش ڪئي هنن جا ڪيس ميچيور هئا نيب چوندو هئو ته هنن جا ڪيس ميچيور آهن پر پٺيان کان اسان کي اجازت نه آهي. جنرل باجوه اجازت نٿو ڏئي اهو فيصلو ڪندو هو ته نيب ذريعي ڪنهن کي ڪيترو دٻائڻو آهي. ڪڏهن ڇڏڻو آهي، ڪڏهن اندر ڪرڻو آهي. شهباز شريف جو ڪيس ئي نه لڳندو هو مان وزيراعظم بي وس ويٺل هئس.عمران خان وڌيڪ چيو ته شهباز شريف جي پٽ پنهنجن ملازمن جي نالي تي پئسا گهرايا ماڻهن جا ضمير خريد ڪري اسان جي حڪومت هٽائي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو