لنڊن(ويب ڊيسڪ)اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته اڳوڻو آرمي چيف جنرل (ر) قمر باجوه، اڳوڻو ڊي جي آءِ ايس ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد، ثاقب نثار، آصف سعيد کوسا ۽ عظمت سعيد پاڪستان ۽ 22 ڪروڙ عوام جا مجرم آهن.لنڊن ۾ نواز شريف ۽ شهباز شريف پارٽي اڳواڻن جي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ملاقات ۾ سينيٽر اسحاق ڊار ۽ مريم نواز به موجود هئا. ان موقعي تي ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته 2017ع جي پاڪستان کي هڪ سازش تحت تباهي جي ڪناري تي پهچايو ويو، پاڪستان تي اناڙين جي گروهه کي مسلط ڪيو ويو. هن چيو ته جيستائين سازش ۾ ملوث سمورن ڪردارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ نه آندو ويندو، پاڪستان اڳتي نه وڌي سگهندو.
