بابر ۽ رضوان جو اوپننگ جوڙو بهترين آهي ۽ رهندو: شاهين آفريدي

آڪلينڊ(ويب ڊيسڪ)قومي ٽي 20 ٽيم جي ڪپتان شاهين آفريدي جو چوڻ آهي ته بابر اعظم ۽ محمد رضوان جي اوپننگ جوڙو بهترين آهي ۽ رهندو، نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز جي پهرين ميچ کان اڳ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪپتان شاهين آفريدي بابر اعظم جي ڪارڪردگي بابت ڳالهيون ڪيون.هن چيو ته مان نه ٿو سمجهان ته بابر جي فارم خراب ٿي رهي آهي، بابر اعظم ايتريون رنسون ٺاهيون آهن جو مان ڳڻائي به نه ٿو سگهان، ان ڪري سندس هڪ يا ٻه اننگز کي ڪا به اهميت ناهي.شاهين آفريدي چيو ته ورلڊ ڪپ کان اڳ 17 ٽي ٽوئنٽي ميچون آهن، هو هن دوري تي مختلف ڪمبينيشن ٺاهي ڏسندا ته ڪير ڪهڙي جاءِ تي بهتر کيڏي رهيو آهي، جڏهن انگلينڊ خلاف سيريز لاءِ ويندا ته سڀني کي خبر پوندي ته ڇا ڪرڻو آهي، ورلڊ ڪپ کان اڳ اسان ڄاڻڻ چاهيون ٿا ته ڪير ڪهڙي نمبر ۽ پوزيشن ۾ کيڏندو.

پهنجو تبصرو موڪليو